ڄام صاحب(ن پ ا) ڄام صاحب سنڌ جي مشھور بزرگ سيد اصغر علي شاھ المعروف سخي ڄام ڏاتار جي عرس جون ٽن ڏينھن واريون تقريبون اڄ ٻئي ڏينھن بہ جاري، راندين واري کاتي شھيد بينظيرآباد پاران ڪوڏي ڪوڏي راند ۽ ملاکڙي جا شاندار مقابلا منعقد ڪرايا ويا ڪوڏي راند ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي رانديگرن جو سخت مقابلو ٿيو جنھن ۾ سنڌ جي ٽيم سوڀاري رھي جڏھن تہ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر عبدالرحيم راجپوت ، اسسٽنٽ اسپورٽس آفيسر محمد اصغر آرائين ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميش آفيسر اعجاز علي تيوڻو ڪامياب ٽيم جي رانديگرن ۾ انعام ورھايا ٻئي پاسي ملاکڙي جي شاندار مقابلن ۾ پھلوان جان محمد لنڊ. اصغر چانڊيو کي ٻئي ملھون ماري ھوڪرا ڪرائي ڇڏيا، نجف شاھ ۽ سڪندر بروھي ۾ سخت مقابلو نجف شاھ ڪاميابي ماڻي واه واه ڪرائي ڇڏي .