ڄام صاحب (ن پ ا) سنڌ جي مشھور بزرگ اولياءَ حضرت سيد اصغر علي شاھ المعروف سخي ڄام ڏاتارجو 753 هون ٽن ڏينهن وارو ميلو شروع ٿي ويو، ميلي ۾ راندين واري کاتي طرفان ڪوڏي ڪوڏي راند ۽ ملھ ملاکڙو ڪرايو ويو. ملاکڙي ملھ پهلوانن زور آزمائي ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي، پهرين جوڙ ۾  پهلوان سليم جمالي، صاحب لنڊ کي ٻئي ملهون دسي داد حاصل ڪيو، ٻئي جوڙ ۾ پهلوان جان محمد لنڊ، اصغر چانڊيو کي پوئين ملھ ماري هوڪرا ڪرائي ڇڏيا. ٽئي جوڙ ۾ پهلوان سڄڻ شر، نواز لنڊ کي دسي واھ واھ ڪرائي انعام حاصل ڪيو، جڏھن تہ ملھ پهلوانن  ساجد، سڪندر بروهي، سيف اللّه، چريو چانڊيو، بوسڪي ۽ ٻين زور آزمائي ڪري داد حاصل ڪيو. هزارين ملھ ڏسندڙ شوقينن پهلوان کي داد ڏنو ۽ درگاھ سخي ڄام ڏاتار جي سجاده نشين فقير نويد حسين وسطڙو ڪامياب ملھ پهلوانن کي روڪ رقم ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا.