ڄام نواز علي (ن پ ا) ڄام نواز علي ويجهو سانگهڙ روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻارڙي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ 35 سالا خانزادي ملوکاڻي ۽ 5 سالا ڪائنات شامل، جڏهن ته بشير ملوکاڻي ۽ هڪ عورت سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي نازڪ حالت ۾ حيدر آباد نيو ويو، جڏهن ته ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، فوتين جو تعلق ٻوٻي اسٽيشن سان ٻڌايو پيو وڃي.