ڄام نوازعلي (ن پ ا) ڄام نوازعلي  پوليس پاران  قتل ڪيس ۾ گرفتار  2 جوابدار سومر ڀيل ۽ وزير ڀيل رات دير سان ٿاڻي جو  لاڪ اپ ٽوڙي فرار ٿي ويا، پوليس پيرا وڃائي موٽي آئي،  ڪٽوهر برادري پاران پوليس جي نااهلي خلاف جمڙائو ڪينال تي ڌرڻو، ايس ايچ او معطل،  وڏو منشي سميت 2 اهلڪار گرفتار، ان ڏس ۾ 2  هفتا اڳ  قتل  ٿيل زوار علي ڪٽوهر جي قتل ڪيس ۾ 2 جوابدار وزير ڀيل ۽ سومر ڀيل  لاڪ اپ ٽوڙي فرار ٿي ويا، ڊي ايس پي پرويز اختر قريشي،  ايس ايچ او نئون آباد پيرا  کنيا جيڪي جمڙائوڪينال تي مري مائنير لڳ گم ٿي ويا،ٻي طرف  ڪٽوهر برادري پاران شيرعلي ڪٽوهر  ۽ غلام محمد مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جمڙائو ڪينال موري تي ڌرڻو هنيو ويو، مقتول جي پيءُ   شيرعلي ڪٽوهر موجب ته 2 جوابدار لاڪپ ٽوڙي فرار ٿيڻ  سواليه نشان آهي، پوليس هٿ وٺي جوابدار فرار ڪرايا آهن ڌرڻي بعد   ايس ايس پي سانگهڙ نوٽيس ورتو ،وڏو منشي لقمان مهر پوليس اهلڪار ڪرشن لال ڀيل پوليس اهلڪار علي نواز کي معطل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ايس ايڇ او ڄام نوازعلي منورعلي راجپر  کي معطل ڪري کيس  شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ايس ايس پي سانگهڙ  قتل ڪيس ۾ شفاف جاچ ڪرائڻ جو حڪم  پڻ ڏنو،