ڄام نواز علي(ن پ ا) ڄام نواز علي لڳ دلورمائنير ۽ پاٽيون مائينر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن دلور موري تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي سانگهڙ ٽنڊوآدم روڊ بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي آبادگارن خان محمد چانڊيو، غلام رسول چانڊيو، رسول بخش هنڱورو، غلام علي ڪلوئي، شاهجان جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته هڪ پاسي مهانگائي سبب عوام پريشان آهي ته مٿان وري آبياشي عملدار هٿ وٺي آبادگارن کي تباهه پيا ڪن، هنن چيو ته دلور شاخ ۾ هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ٻنهي شاخن تي 50 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين کي بنجر بڻايو پيو وڃي، هنن چيو ته ايس ڊي او هٿ وٺي فصلن کي سڪائي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پڇڙي کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪري کوٽ ختم ڪئي وڃي، هوڏانهن 4 ڪلاڪن بعد انجنيئر جمڙائو ڪينال حبيب الله برهماڻي مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري پاڻي پهچائڻ جي خاري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.