ڄام نوازعلي (ن پ ا) ڄام نوازعلي تعلقي ۾  زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي خلاف آبادگارن غلام محمد مري، عاشق حسين ڪٽوهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته زرعي ڀاڻ هٿرادو مهانگو ڪيو ويو آهي، انتظاميا ڪجھه ناهي ڪيو، آبادگارن مطالبو ڪيو  آهي ته مسئلا حل ڪيا وڃن.