ڄام نواز علي(ن پ ا) جمڙائو ڪينال مان نڪرندڙ مري مائينر ۾ ٻن مهنن کان مسلسل پاڻي بند هجڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي عيدن مري، سومر خان مري، بيکو مهر، الله ڏنو کوسو، ڪريم خاصخيلي، نبي بخش مري ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدارن هٿ وٺي پاڻي جو بحران پيدا ڪيو آهي، ٻن مهينن کان مائينر ۾ پاڻي ناهي آيو، جنهن ڪري فصل پوکجي ناهن سگهيا، هنن چيو ته فصل ته پري جي ڳالهه پر پيئڻ جي لاءِ به پاڻي نٿو ملي، هنن مطالبو ڪيو ته مري مائينر ۾ پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.