ڄام نواز علي(ن پ ا) پوليس ٽرينگ سينٽر ڄام نوازعلي آر ٽي سي ۾ 74 پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي، جنھن ۾231 اهلڪار پاس آئوٽ ٿيا، مھمان خاص طور ڊي آءِ جي ميرپور خاص شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پرنسپل آر ٽي سي محمد ارشد فاروق لوڌي چيو ته ٽريننگ سينٽر مان جوان پاس آئوٽ ٿيا آھن، پاس آئوٽ ٿيل جوان عوام جي جان و مال جي حفاظت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ سماجي براين ۽ منشيات فروشن خلاف پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، ڊي آءِ جي محمد زبير دريشڪ خطاب ڪندي چيو ته پوليس جي جوانن سنڌ ۾  پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي سنڌ ۾ امن امان بحال ڪرايو، سنڌ پوليس جي جوانن دهشگردي هجي يا آپريشن هجي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي مقابلو ڪيو آهي، ھن چيو ته سنڌ پوليس ۾ جيڪي جوان ڊيوٽي دوران شھيد ٿيا آھن انھن کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ توھان به ڊيوٽي دوران شھيدن جي وارثن جو توھان وٽ اچڻ ٿئي ته انهن سان پيار ۽ محبت سان پيش اچجو.