ڄام نوازعلي (ن پ ا) ڄام نواز علي ويجھو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ناٺي کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڄام نوازعلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالحڪيم جعفري  ۾  فجر مهل جوابدار اربيلو ولد اڪرم جعفري  ڪارنهن الزام هيٺ ننڊ ستل پنهنجي نياڻي 40 ورهين جي  بشير احمد ولد پنهون کي ڪهاڙيون هڻي بي دردي سان  قتل ڪري ڇڏيو،قتل بعد جوابدار پاڻ پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، ابتدائي جاچ دوران جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪيو ته  ناٺي کي 3 ڏينهن پهرين گهر واري سان  اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏٺم، مون کان برداشت نه ٿيو،  غيرت ۾ اچي  ناٺي کي  قتل ڪيو، ٻي طرف پوليس موجب ته مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو آهي، مقتول جا وارث اڃا تائين ناهن آيا، پوليس موجب ته مقتول جا   ڀائر شڪارپور ضلعي ۾ رهن ٿا، جن کي اطلاع ڏنو آهي، هڪ  جوابدار اربيلو پٽ اڪرم  جعفري بليدي کي گرفتار ڪيو آهي. واقعي ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي به هٿ ڪئي آهي.