ڄام نوازعلي (ن پ ا) هفتو اڳ ڄام نوازعلي ٿاڻي جي حد مصري شاهه موڙ وٽان اغوا ٿيل پرائمري استاد ريجهو مل ميگهواڙ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، استاد جي وارث سروڻ ڪمار ميگهواڙ جي فرياد تي ڄام نواز علي ٿاڻي تي 4 نامعلوم جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، کيس جلد بازياب ڪرايو ويندو، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته اغوا ڄاڻايل پرائمري استاد ريجهو مل ميگهواڙ علائقي ۾ ڪروڙين رپين جو قرضي ٿي ويو هو، ٿي سگهي ٿو ته قرض جي پريشاني ۾ هن ڪٿي پاڻ کي گم ڪيو آهي.