ڄام نوازعلي (ن پ ا) نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجنون مگسي ۾ ڪاروڪاري جي الزام ۾ 50 سالا عورت ڊيلا مگسي ۽ 40 سالا الله بچايو مگسي ڪهاڙين جا وار ڪري بي دردي سان قتل ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، نئون آباد پوليس ڪارروائي ڪندي ٻٽي قتل ۾ ملوث ٻه جوابدار گرفتار ڪري ورتا، جڏهن ته مقتول الله بچايو جي پي خيرالدين مگسي ۽ ماءُ سڀاڳي مگسي چيو ته قادربخش مگسي منهنجي ٻن پٽن کي اغوا ڪيو، جنهن ۾ هڪ پٽ الله بچايو کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪيو، ٻيو پٽ گل شير مگسي انهن جي حراست ۾ آهي، مقتولا الله بچايو مگسي جو لاش نئون آباد ٿاڻي تي وارث کڻائي اچي ڌرڻو هنيو، پر واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. جڏهن ته ڄام نواز علي ۾ ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري جو لاش بنا ڪفن جي دفنائڻ جا اطلاع مليا آهن، مجنون مگسي ۾ قتل ٿيل مسمات ڊيلا مگسي جو لاش بنا ڪفن ۽ جنازي نماز جي دفنائڻ جا اطلاع مليا آهن، ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل الله بچايو مگسي جي وارثن جو لاش رکي هنيل ڌرڻو پنجن ڪلاڪن کان جاري آهي.