ميرپور ماٿيلو(ن پ ا) اوٻاوڙو جي پ پ پ ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي حملي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار شهريار خان شر دهشتگردي جي عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت سندس ضمانت ۾ 30 اپريل تائين واڌ ڪئي،ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي ڄام مهتاب ڏهر ذاتي طور تي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جڏهن ته سندس وڪيل عدالت ۾پيش ٿيو، ٻڌايو ويو ته جج جي موڪل تي هجڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي،عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار شر چيو ته، مونکي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، مونکي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي هن وڌيڪ چيو ته ڄام مهتاب پاڻ چيو هو ته کيس فون ذريعي اطلاع مليو هو ته حملو ٿيندو، پوءِ هن ظفر ڏهر کي اڳيان گاڏي ۾ ويهاري پاڻ پٺيان ٻئي گاڏي ۾ ڇو ويٺو شهريار شر سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ڄام مهتاب ڏهر کي حملي جو اڳواٽ اطلاع مليو هو ته پوءِ هن انتظاميه سان رابطو ڇو نه ڪيو يا واپس ڇو نه موٽيو هڪ سوال جي جواب ۾ شهريار خان شر چيو ته مون گرو جي ڳالهه ڪئي آهي، پر مون ڪنهن به گهوٽڪي ضلعي جي نالو ناهي کنيو مون ڳالهه رومال ۾ ويڙهي ڪئي هئي هن چيو ته وقت اچڻ تي گرو کي ضرور وائکو ڪندس