ڄام صاحب(ن پ ا) ڄام صاحب ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل تيار ٿي ويو، جنهن جا لابارا شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگھه مقرر نه ٿيڻ سبب آبادگار پريشان آهن، سنڌ جي وچولي علائقن ۾ ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل تيار ٿيڻ تي ٿر مان ڪيترائي خاندان پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ لابارو ڪرڻ لاءِ پهچي ويا، جڏهن ته ڪڻڪ جي ڪٽائي ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر واريون مشينون پڻ وڏي تعداد ۾ پهچي ويون آهن، گهٽ اگھه تي ڪڻڪ ڪٽي ڏيڻ سبب ٿر مان آيل پورهيت سخت پريشان آهن، پورھيتن ڀرمون ڀيل، لکيو ڀيل، رامو ڀيل، ڏيويو ڀيل ۽ ٻين چيو ته اسان ٿرپارڪر کان ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون ۽ هرسال ايندا آھيون، هن سال ٽريڪٽر واري مشين تي ڪڻڪ جي ڪٽائي گهٽ اگهه تي ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري آبادگار مشنين ذريعي ڪڻڪ جو لابارو ڪرائين ٿا ۽ اسان کي ڪريل ڪڻڪ ڏني پئي وڃي ۽ ان جو اگھه به گهٽ ڏنو پيو وڃي، جنهن ڪري اسان تمام پريشان آھيون، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي آبادگارن شادي خان، منصور علي، مبين شر ۽ ٻين ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪڻڪ جو سرڪاري اگھه مقرر ناهي ٿيو، جنهن ڪري مجبور ٿي سستي اگهه تي ڪڻڪ واپارين کي ڏيڻي پوندي، هنن سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي.