ڄام صاحب (رپورٽ: بشير شر) ڄام صاحب ڀرسان مائينر مان عورت جو سسي ڌڙ کان ڌار ٿيل لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي، خبر موجب نواب شاهه روڊ بيگناھ موري اسٽاپ ڀرسان ڀٽ مائينر مان عورت جو سسي ڌڙ کان ڌار ٿيل لاش ھٿ ڪيو ويو، علائقي واسين لاش مائينر ۾ ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد ڄام صاحب پوليس پهچي لاش مائينر مان ڪڍرائي پي ايم سي اسپتال نواب شاهه منتقل ڪيو، آخري اطلاعن تائين عورت جي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي، پوليس ٻڌايو ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، نادرا جي ٽيم جي مدد سان جاچ ڪئي پئي وڃي، سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاش سرد خاني ۾ رکيو ويو آھي، پوليس موجب عورت کي بيدردي سان قتل ڪري سسي ڌڙ کان ڌار ڪرڻ بعد لاش مائينر ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي.