ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري ۾ ڪار چوري جي ڪيس ۾ ڳوٺ تي پوليس چڙهايون، 12 ڄڻا کنڀي گم. ان ڏس ۾ ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ ۾ ڄامشورو اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اٽالن چوري ٿيل ھڪ مھراڻ ڪار کي هٿ ڪرڻ لاءِ راڄڙ برادري جي ڪيترن ئي گھرن تي چڙھائي ڪئي، ڳوٺاڻن پاران مزاحمت ڪرڻ تي پوليس مڇرجي پئي، گھرن اندر گھر ڀاتين تي تشدد ڪرڻ بعد گھرن ۾ پيل سامان کڻي ڀڃ ڊاھه ڪندي لکين رپين جو سامان، فرج، ٽي ويون، فرنيچر، در، دريون، سولر سسٽم، ڪار ۽ موٽرسائيڪلن کي ڏنڊا ھڻي ڀڃي ڇڏيو ۽ سڄي ڳوٺ مٿان ھوائي فائرنگ ڪري خوف حراس پيدا ڪرڻ بعد پوليس ڄامشورو ٿاڻي تي ڳوٺاڻن مٿان حملي، گاڏي چوري ۽ پوليس تي سڌا فائر ڪرڻ، 6 پوليس اھلڪارن کي زخمي ڪرڻ ۽ پوليس موبائيل کي نقصان رسائڻ جو 22 سڃاتل ۽ 56 اڻڄاتل جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ۾ دھشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آھن، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ھڪ ڀيرو ٻيھر چڙھائي ڪري ھوائي فائرنگ ڪرڻ بعد 12 ڳوٺاڻا گرفتار ڪري واپس رواني ٿي وئي. ان حوالي سان ڳوٺاڻن سليم راڄڙ، رمضان راڄڙ ۽ ڳوٺ جي عورتن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته پوليس اسان مسڪين ڳوٺاڻن کي دھشتگرد قرار ڏنو آھي، اسان ھتان جا قديمي مقامي ڳوٺاڻا آھيون، ھتان لوڪل گورنمينٽ جا چونڊيل نمائندا ۽ ساک وارا ماڻھو آھيون، اسان ڪنھن جي چوري ۾ ملوث نٿا ٿي سگھون، برادري جي مخالفن جي چرچ تي ايس ايچ او خير محمد ملاح ونگار وھي رھيو آھي، انھن کان وڌيڪ ڏوڪڙ وٺي اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري اسان جي گھر مٿان ھوائي فائرنگ ڪري وڏي پئماني تي ڀڃ ڊاھه ڪري ڪروڙين رپين جو سامان ۽ گاڏيون ڀڃي ڇڏيون آھن ۽ اسان مٿان گاڏي چوري سميت ڀڃ ڊاھه، پوليس اھلڪارن، موبائل گاڏي ڀڃڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، اھو سراسر ڪوڙو آھي، اسان ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيون ٿا ته ان مامري جي شفاف جاچ ڪري اسان ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي.