ڄامشورو(رپورٽ: ميرمرتضي نوحاڻي) ڄامشوري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر پنج جي ڪائونسلر حاجي الله ورايو ڀلائي جي پٽ محسن رضا ڀلائي کي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڊيوٽي تي ويندي ريلوي اسٽيشن لڳ يوٿ هاسٽل وٽ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي واري هنڌ تان واٽ ويندڙ مسافر نوجوان کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جنھن بعد ڄامشوري جي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم جي سهولت نه هجڻ ڪري فوتي جي مڙھ کي تعلقا اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو پوسٽ مارٽم جي شروعات رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوجوان محسن رضا ڀلائي کي جسم جي مختلف حصن تي پنج الڳ الڳ گوليون لڳل آهن،جڏھن ته واقعي واري هنڌ ۽ اسپتال ۾ ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز پھچي وارثن کان تفصيل وارتا ٻئي پاسي اهڙي واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو شهيد جي جنازي نماز ۽ آخري رسمون ۽ اڳواڻي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سهيل احمد شورو، ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين بلاول قادر شورو، ارباب سمون،گل حسن نوحاڻي، مبين احمد تيوڻو، فيصل پسيو سميت هزارين رهواسين شھر جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن شريڪ ڪئي جڏهن ته اڳواڻي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊي آئي جي حيدرآباد سان رابطو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ٻئي پاسي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه پاران نوجوان جي قتل تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته محسن رضا ڀلائي جو قتل ظلم جي انتها آهي، مطالبو ڪيون ٿا ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي جڏهن ته نوجوان جو آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد سندس تڏو ڀريا وليج ۾ وڇايو آهي.