ڄامشورو(رپورٽر)ڄامشورو شھر جي اوور ھيڊ برج تي گذريل رات دير سان موٽر سائيڪلن تي سوار ڦورن وچ ۾ ڦريل مال جي ورھاست تان جھيڙو ٿيڻ بعد ساٿي ڦورو جي فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو نظير احمد بليدي مارجي ويو، جنھن بعد ڄامشورو پوليس ڪارروائي ڪري فائرنگ ڪندڙ ڦورو قادر بخش بروھي کي گرفتار ڪري ورتو، جنھن کي ڄامشورو ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو، جنھن ڄامشورو ۾ ڦرن ۽ چورين جي ٿيندڙ وارداتن ۾ ملوث هجڻ ۽ مارجي ويل ڦورو کي فائرنگ ڪري گوليون ھڻي مارڻ جو اعتراف ڪيو آھي.ان حوالي سان ڄامشورو پوليس موجب گرفتار ڦورو قادر بخش بخش بروھي ساٿي ڦورو کي مارڻ ۽ ڪافي ڏوھن جو اعتراف ڪيو آھي، انھن مان سندن ھڪ ساٿي فرار ٿي ويو آھي، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن ڦر ڪندڙ گينگ جي ڏوھارين جو گلشن شھباز ۾ وڏو آستانو موجود ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اتي ڪافي ڏوھاري رھن ٿا جيڪي روڊن رستن تي ڦرن جون وارداتون ڪري فرار ٿي ويندا ھئا. پوليس ذريعن موجب گلشن شھباز واسي غلام باقر ولد غلام علي چانڊيو کان ڪجھ ڏينھن اڳ شھر جي سم نالي ڄامشورو_ حيدرآباد روڊ تان ھڪ نئين سي ڊي 70 موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جو واقعو پيش آيو ھو، ان جي ڦريل موٽر سائيڪل جي چاٻي ۽ ڪجھ ڪاغذ مارجي ويل ڦورو جي کيسي مان پڻ نڪتا آهن.