ڪوٽڙي(رپورٽر) ڄامشوري ۾ پوليس چوڪيءَ تي ديسي ساخت بم سان حملو، چوڪي خالي هجڻ سبب ڪو نقصان نه ٿيو، مليل ڄاڻ موجب ڄامشوري ۾ اوور هيڊ برج جي هيٺان واقع پوليس چوڪيءَ تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار جوابدار ديسي ساخت جو بم اڇلائي فرار ٿي ويا، جڏهن  ته چوڪي خالي هجڻ سبب ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو رابطي تي ٻڌايو  ته موٽرسائيڪل سوار جوابدارن پوليس چوڪيءَ تي ڪريڪر سان حملو ڪيو پر ڪو به جاني يا مالي نقصان نه ٿيو آهي. هن چيو ته ڪجهه عنصر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهن ٿا، انهن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو. آخري اطلاعن تائين غلام مصطفي جتوئي خلاف داخل ڪيس سامهون ناهي اچي سگهيو