ڪراچي(نمائندن وٽان) ڄامشوري ۾ قتل ٿيل صحافي مير مرتضيٰ نوحانيءَ جي ماروٽ سدره نوحاڻيءَ جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. جنهن خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ چار ڏينهن اڳ ڦورن جي فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ڦورن جي گولي ۾ قتل ٿيل صحافي مير مرتضىٰ نوحاڻي جي معصوم ماروٽ سدره نوحاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو جي صدر عرفان برفت، مير مرتضيٰ نوحاڻي، حاجي خان سيال، مظهر عظيمي، سهيل جويو،صدر الدين جوڻيجو،رحيم بلوچ ۽ ٻين ڪئي. مظاهري ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي قاتلن جي جلد گرفتاري جا نعرا هڻيا. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معصوم سدره نوحاڻي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.مظاهرين چتايو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽائڻ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي احتجاج ۾ سياسي سماجي توڙي دڪاندار اڳواڻن علي محمد مگسي، علي مگسي، هادي بخش نوحاڻي، ذوالفقار مگسي، وزير نوحاڻي، احمد علي ابڙو، اياز نوحاڻي، ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، آزاد سنجراڻي، ماجد نوحاڻي، عابد نوحاڻي، سگهڙ الله ڏنو بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي سيوهڻ ۾ نيشنل پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار علي سولنگي، جنرل سيڪريٽري حسين بخش ڏاهري، اشرف عطار، علي بخش سولنگي، احمد علي سولنگي، اختر علي سولنگي, اياز ڀٽي، جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ڌمال چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ڀان سيدآباد ۾ پريس ڪلب جي صدر ذوالفقارمينگل، يونين آف جرنلسٽ جي صدر مظفر کوکر، سينيئر صحافي آصف علي ميمڻ، آدم مينگل، پرديپ ڪمار، عبدالڪريم جمالي، صفر خشڪ، ياسر شورو، محمد علي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان نعريبازي ڪئي وئينوري آباد ۾ يونين جرنلسٽ ڄامشورو جي جنرل سيڪريٽري صحافي عباس پالاري، پريس ڪلب نوري آباد جي صدر عبدالعزيز پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.