ڄامشورو(رپورٽر) قومي شاعر عبدالخالق چانڊيو، جيڪو ٽي ڏينهن اڳ بدين مان ڄامشورو آيو هو، پراسرار نموني لاپتا ٿيڻ بعد سندس لاش ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ڀرسان انڊس هاءِ وي جي موري مان هٿ آيو. پوليس موجب، لاش تي واضح طور تشدد جا نشان هئا ۽ گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جا ثبوت مليا آهن. مقتول جي سئوٽ اشرف علي چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته خالق چانڊيو ڄامشورو ۾ فنڪار فراز ميرجت وٽ مهمان طور ترسيل هو، جتي هن کيس پنهنجي شاعري ڏني هئي. هو اتي اچانڪ گم ٿي ويو، سندس موبائيل پڻ بند هو. گمشدگي جا اشتهار هلائڻ باوجود هو هٿ نه آيو. اشرف چانڊيو الزام هنيو ته عبدالخالق کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته تدفين بعد ڪيس داخل ڪرايو ويندو.