ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) سي آءِ اي پوليس ڄامشورو طرفان منشيات جي مُک ڊيلرن سميت ڏوهاري عنصرن خلاف ويجهڙ ۾ ڪنهن به قسم جي ننڍي يا وڏي ڪارروائي نه ڪرڻ سبب اداري جي ڪارڪردگي ٻڙي رهجي وئي آهي. سي آءِ اي سينٽر ڄامشوري کي 2021ع ۾ چرس اسڪينڊل سبب بند ڪيو ويو هو ۽ اٽڪل ٻن سالن تائين بند رهڻ بعد هڪ سال اڳ سي آءِ اي سينٽر کي ٻيهر بحال ڪري عملو مقرر ڪيو ويو هو. هوڏانهن هن وقت ڪوٽڙيءَ سميت ڄامشوري ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب هئڻ ۽ آئيس سميت منشيات جي زور وٺي ويل اسمگلنگ جهڙن اهم معاملن باوجود هاءِ ويز سميت ضلعي ۾ سي آءِ اي پوليس طرفان ڏوهارين توڙي منشيات جي ڊيلرن خلاف ڪا به اهم ڪارروائي سامهون اچي نه سگهي آهي. ان سلسلي ۾ سي آءِ اي سينٽر جي ذريعن “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو آهي ته اٽڪل ڏيڍ مهينو اڳ سب انسپيڪٽر ظفر چانڊيو کي سي آءِ اي سينٽر جو انچارج مقرر ڪيو ويو هو، جنهن آفيس ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سبب سينٽر جو ڪاروهنوار پوريءَ طرح ٺپ ٿي ويو آهي. سي آءِ اي پوليس جي ذريعن موجب سي آءِ اي انچارج ظفر چانڊيو اڪثر آفيس مان غائب رهي ٿو ۽ سي آءِ اي سينٽر جو ڪاروهنوار مُنشين جي حوالي ٿيل آهي، جنهنڪري سي آءِ اي پوليس جي ڪارڪردگي سخت متاثر ٿي آهي. هوڏانهن “پنهنجي اخبار” طرفان رابطو ڪرڻ تي سي آءِ اي سينٽر ڄامشورو جي انچارج ظفر چانڊيو ڪارڪردگي بابت سوال تي چيو ته في الحال ڪارڪردگي کي ڇڏيو، مون کي ڪيسن جي سلسلي ۾ روز عدالت وڃڻو پوي ٿو، ڪارڪردگي بابت پوءِ ڪڏهن ٻڌائيندس. جنهن بعد هن فون ڪٽي ڇڏيو. هوڏانهن چرس اسڪينڊل سبب نوڪري تان برطرف ڪيل سي آءِ اي سينٽر ڄامشوري جي اڳوڻي انچارج سرور راهپوٽو کي ڪجھ ڏينھن اڳ ٻيهر نوڪري تي بحال ڪري پوليس لائين ڄامشوري ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سرور راهپوٽي جي نوڪري تي بحاليءَ کانپوءِ ٻين اهلڪارن جي بحاليءَ لاءِ پڻ رستو هموار ٿيو آهي ۽ انهن کي پڻ جلد نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب 2021ع ۾ سي آءِ اي سينٽر ڄامشوري جي جنهن موبائل ۾ ڪراچيءَ چرس منتقل ڪيو ويو هو، اها موبائل ان وقت جي سي آءِ اي انچارج سرور راهپوٽي جي استعمال هيٺ رهندي هئي.

سي آءِ اي ڄامشورو جا 6 اهلڪار 76 ڪلو چرس سميت پڪڙيا ويا

ڪوٽڙي: جولاءِ 2021ع ۾ سي آءِ اي پوليس ڄامشوري جي 6 اهلڪارن کي ڪراچيءَ جي بوٽ بيسن پوليس 76 ڪلوگرام چرس سميت گرفتار ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو، جڏهن ته اهو چرس سي آءِ اي پوليس جي موبائيل ۾ ڪراچي پهچايو ويو هو. گرفتار ٿيل سي آءِ اي اهلڪارن ۾ محمد يعقوب، غلام عباس، اعجاز علي، زاهد حسين، احمد نواز ۽ عبدالحميد شامل هئا، جڏهن ته ڪوٽڙي ٿاڻي تي پڻ سي آءِ اي سينٽر جي ان وقت جي منشي اصغر پنهور ۽ ننڍي منشي جبار سولنگي تي ساڍا 3 ڪلو چرس ۽ اڌ ڪلو آفيم رکڻ جو هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪراچيءَ ۾ سي آءِ اي پوليس ڄامشورو جي موبائيل مان چرس هٿ اچڻ ۽ اهلڪارن جي گرفتاريءَ کانپوءِ سي آءِ اي سينٽر ڄامشوري جي ان وقت جي انچارج سرور راهپوٽو سميت سمورن اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري سينٽر کي بند ڪيو ويو هو، جنهن بعد سال اڳ سي آءِ اي سينٽر ڄامشوري کي ٻيهر فعال ڪري نيڪ محمد کوسي کي ان جو پهريون انچارج مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته اٽڪل ڏيڍ مهينو اڳ سب انسپيڪٽر ظفر چانڊيو کي سي آءِ اي سينٽر جو انچارج مقرر ڪيو ويو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي.