ڪوٽڙي  (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران سيشن ڪورٽ ڄامشورو سامهون سوڪ سينٽر جي تعمير لاء مختص ڪيل 2 ايڪڙ 25 گهنٽا سرڪاري زمين تي بلڊر پاران مبينا قبضو ڪيو ويو آهي، بلڊر پاران سرڪاري زمين تي قبضو ڪري ٽريڪٽرن ذريعي تعميراتي ڪم شروع ڪرايو ويو آهي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس لاء 24 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي هئي جنهن تي ايس ايس پي آفيس، ٽريزري آفيس سميت ٻيون آفيسون جڙي چڪيون آهن، جڏهن ته 24 ايڪڙن جي ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس جي ايراضيء منجهان سوڪ سينٽر لاء 2 ايڪڙ 25 گهنٽا مختص ڪيل زمين تي بلڊر قبضو ڪري ورتو آهي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران سرڪاري زمين تي بلڊر پاران قبضي جي تصديق ڪئي وئي آهي، ايس ڊي اي جي سيڪريٽري سڄڻ ڪيهر موجب بلڊر جي زمين الاٽ هجڻ جي دعوي’ ڪوڙي آهي، زمين سوڪ سينٽر لاء مختص ٿيل آهي جنهن تي غيرقانلني قبضو ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته ايس ڊي اي عملو زمين تان قبضو ڇڏائڻ ويو پر بلڊر جي ماڻهن انهن سان جهيڙو ڪري زمين تان کين ڀڄائي ڇڏيو آهي، سيڪرٽري ايس ڊي اي موجب ساڳئي بلڊر پاران اڳ به مذڪوره زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر ان وقت جي ڊي سي ايڪشن کڻي قبضو ختم ڪرايو هو. ڊي سي بدلي ٿيڻ تي موقعي جو فائدو وٺي بلڊر ٻيهي غير قانوني قبضو ڪيو آهي جنهن کي ڇڏائڻ لاء پوليس جي مدد ورتي ويندي، هوڏانهن مذڪوره زمين تي موجود بلڊر جي ملازمن ٻڌايو ته زمين بلڊر امين ٻٻر جي آهي جيڪا هن ايس ڊي اي کان خريد ڪئي آهي.