ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري مان جج جي سرڪاري گاڏي نامعلوم چور ڪاهي ويا، ان ڏس ۾ مھراڻ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي مان ذولفقار علي سولنگي جج/ پرزائيڊنگ آفيسر اينٽي انڪروجميمٽ ڪورٽ ٽربيونل حيدرآباد جي گاڏي گذريل رات چوري ٿي وئي آهي، جنھن بعد ڄاڻايل جج جي پرائيو سيڪريٽري محمد فهد ٻٻر جي فرياد تي نامعلوم چورن خلاف ڄامشوري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. جنھن ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته سرڪاري استعمال لاءِ مليل ڪار تي جج صاحب کي آفيس کڻي وڃڻ لاءِ ڊرائيور ۽ گن مين بنگلي کان ٻاهر نڪتا ته ڪار موجود نه هئي ڀر واري بنگلي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرا ۾ ڏٺو ته نامعلوم چور ڪار چوري ڪري ڪاهي ويا آهن.