ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو شھرجي سينڊوز روڊ تي قائم ملٽي نيشنل دوا ساز ڪمپني انتظاميا طرفان مقامي بيروزگار نوجوانن روزگار نـ ملڻ خلاف شھر جي مختلف علائقن جي بيروزگار نوجوانن مختلف علآئقن مان ريلي ڪڍي ملٽي نشينل دوا ساز ڪمپني ھيلون ڪمپني خلاف احتجاج ڪندي ڪمپني جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن محرم جمالي مرتضي نندواڻي، وليد پنھور ۽ ٻين چيو ته اسان بيروزگارن نوجوان روزگار لاءِ ھڪ اتحاد نوجوان تحريڪ جوڙي احتجاج ڪري رھيا آھن اسان شھر جي مقامي ڳوٺاڻن کي ھتان جي انتظاميا روزگار نٿي ڏئي نه ئي ملڻ ڏين ٿا ھن چيو اسان شھر جا مقامي بيروزگار آھيون اسان مطالبو ڪيون ٿا اسان کي ڊگرين وٺي ميرٽ جي بنياد تي روزگار ڏنو وڃي.