ڄامشورو(رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿيل شهيد عرفان لغاري جو لاش پوليس پاران ڦر ڪرڻ، وارثن ۽ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ خلاف ڄامشوري ۾ ايم نائين موٽر وي تي گلشن شهباز باب بينظير وٽ قومي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي مڇريل ماڻهن رڪاوٽون وجهي ٻنهي طرفن کان گاڏين جي اچ وڃ روڪي ڇڏي، جنهن دروان  ملڪ جي صدر آصف علي زرداري جي ڌي ۽ خاتون اول آصفا ڀٽو زرداري جي ڪراچي کان نوابشاهه ويندڙ قافلي کي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن روڪي ورتو، تڪراري ڪئنالن  جي تعمير، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ توڙي موري واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ پوليس گردي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. پوليس ۽ سيڪيورٽي عملي مڇريل ماڻهن تي لٺبازي ڪندي باحفاظت آصفه ڀٽو زرداري ۽ قافلي کي ڪڍي منزل طرف روانو ڪيو. ڄامشورو پوليس  احتجاج ڪرڻ تي 76 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جن ۾ 16 ڄڻا نامزد ڪيا ويا آهن: ڄامشورو ٿاڻي تي  گناهه نمبر 154/   2015 تحت داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ 353، 341، 147، 149 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سرڪار پاران اي ايس آءِ اشفاق احمد برهماڻي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ عابد سيال، محسن منگي، شهباز کوسو، فتاح، رضوان ملاح، رجب تيوڻو،  سليم تيوڻو، جان کوسو، شهباز ابڙو، اسرار پنهور، نويد پنهور، وقار چانڊيو، حسنين لغاري، عامر وڪو، مبارڪ رودناڻي نامزد آهن. سرڪار طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ صدر آصف علي زرداري جي ڌي ۽ خاتون اول آصفا ڀٽو زرداري جي رستا روڪ جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو ويو آهي.