ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري ويجهو ايم نائن موٽروي تي مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، هڪ عورت سوڌو 3 ڄڻا فوت ٿي پيا، ڪراچي کان سانگهڙ ويندڙ ڪوچ جو لوڻي ڪوٽ هون ميل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو فوت ۽ 8 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس ۽ موٽر وي پوليس پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو، فوتين جي سڃاڻپ مٽياري واسي امان الله پٽ عبدالستار، اياز پٽ سومر مڱريو ۽ هوسڙي واسي عظيمان زال حنيف طور تي ٿي آهي جڏهن ته زخمين ۾ شهدادپور واسي عاقب پٽ غلام قادر خاصخيلي، مبين پٽ صديق خاصخيلي، مظهر پٽ يعقوب سولنگي، غلام فاطمه زال مظهر علي، نور فاطمه ڌي مظهر علي سولنگي، حذيفه پٽ مظهر علي، نظام پٽ اسحاق سومرو ۽ هڪ زخمي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.