حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت سي ٽي ڊي پاران سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ريلوي اسٽيشن وٽان گرفتار پابندي مڙھيل تنظيم جي جوابدار کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5 سال قيد جي ڌار ڌار سزا ٻڌائي ڇڏي آهي 26 جنوري 2025ع تي سي ٽي ڊي ڳجھي اطلاع تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ريلوي اسٽيشن وٽان پابندي مڙھيل تنظيم جي جوابدار بلاول شر کي گرفتار ڪري ھڪ عدد ھينڊ گرنينڊ، 600 گرام بارودي مواد، ڊيٽونيٽر، بال بيئرنگ ۽ ٻيو مواد گڏ ڪيو ھيو سي ٽي ڊي گرفتار جوابدار بلاول شر تي ڪيس داخل ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ھو دھشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 2 سينٽرل جيل جوابدار کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5 سال ڌار ڌار سزا ٻڌائي ڇڏي.