ڪوٽڙي(رپورٽر) ڄامشوري جي سماجي اڳواڻ غلام سرور آمڙو پنهنجي پٽ ظفر آمڙو سان گڏ ڪوٽڙيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس برادريءَ جا ڪجھ ڏوهاري ماڻهو کيس ڀَتو ڏيڻ لاءِ تنگ ڪندا رهيا آهن، جڏھن ته ڀتو نه ڏيڻ تي هڪ مهينو اڳ هنن سندس پٽ ۽ ڀائٽي تي خنجرن سان حملو ڪري کين مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو، جنھن جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي. هن چيو ته ساڳيا ماڻهو ٻيهر اسان تي جهيڙي جو الزام هڻي هراسان ڪن پيا. هن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.