ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري جا 3 راڌا ڪاڄ جي ماني تيار ڪرڻ جي بهاني شڪارپور ۾گھرائي اغوا ڪيا ويا، جن جي وارثن کان 60 لک رپيا طلب ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڄامشوري شھر جي رهواسي بورچي گلاب مڱريو سندس پٽ ماجد مڱريو ۽ علي اڪبر سولنگي کي فون ڪال ذريعي ڀت جي دعوت ۾ 3 سو ديڳون تيار ڪرڻ لاءِ شڪارپور گهرايو ويو جنھن بعد وارثن کي فون ڪال ذريعي ڌاڙيلن ٻڌايو ته ٽئين ڄڻا اسان کي وٽ آهن ڀنگ ڏئي همراه ڇڏائي وڃون اهڙي اطلاع بعد وارثن ۾ سخت پريشاني واري لهر برقرار آهي مغوين جي وارثن اعتبار علي مڱريو،ساجد مڱريو ٻڌايو ته روز ڪمائڻ ۽ روز کائڻ وارا غريب مزدور ماڻهون آهيون منهنجي والد کي ديڳون تيار ڪرڻ جي بهاني سان گهرائي اغوا ڪيو ويو ڌاڙيلن فون ڪري 20-20 لک رپيا ڀنگ گهڙيو آهي اسان غريب ماڻهون آهيو هنن آئي جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس پنھنجو ڪردار ادا ڪري.