ڄامشورو (رپورٽر)ڄامشوري جي سيد آباد واري علائقي مان هڪ شادي شده عورت کي قتل ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. فوتي عورت جي سڃاڻپ زليخا نالي سان ٿي آهي. ڄامشورو پوليس واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهيان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ بعد پوليس جاچ شروع ڪئي آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او ڄامشورو خير محمد ملاح موجب ابتدائي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته عورت سان ڪجهه واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي جاچ مختلف رخن کان ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ جو آهي ۽ جاچ بعد حقيقتون سامهون آڻيون وينديون واقعي بابت مقامي ماڻهن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ بعد اصل صورتحال ظاهر ڪئي ويندي.