ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف دڪاندارن ٻئي ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو آهي، موبائل ڪميونيڪيشن جي دڪانن تان ڦر جي واقعن خلاف متاثر واپارين علي مگسي، سيد نور شاھ، دڪاندار يونين اڳواڻ اصغر ناريجو، عنايت قريشي، دڪاندار اتحاد اڳواڻ رحيم جمالي،هادي بخش نوحاڻي،ذوالفقار مگسي ۽ ٽرانسپورٽر اڳواڻ عطاءُ الله بروهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين وڌندڙ بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪندي، شهرين ۽ دڪاندارن کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڄامشورو ۾ ڪافي ڏينهن کان ڏوهي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، هاڻي هتي ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي، روز ڏوهي وارداتن سبب شهري غير محفوظ آهن، جڏهن ته پوليس خاموش تماشي بڻيل آهي. مظاهرين وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او خير محمد ملاح جتي مقرر ٿيندو آهي اتي ڏوهي وارداتون وڌي وينديون آهن، هو ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جو ساٿاري آهي، آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد ڄامشورو ضلعي اندر بدامني ۽ منشيات فروشي جو نوٽيس وٺي ملوث پوليس عملدارن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته موبائل مارڪيٽ مان ڦر جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.