ڄامشورو (رپورٽر) لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس ۾ داخلائن لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي،13 ضلعن جي ايم بي بي ايس لاءِ ڪل 350، بي ڊي ايس لاءِ 100 ۽ بلاول ميڊيڪل ڪاليج فار بوائز لاءِ 100 سيٽون رکيل هيون جنھن تي 13352 اميدوارن ٽيسٽ ڏني. وائيس چانسلر لمس پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان 13352 کان وڌيڪ اميدوارن کي سندن والدين/ ڀينرن سان گڏ ويهڻ ۽ ٻيا انتظام ڪرڻ اسان جي لاءِ وڏي ڳالهه آهي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ دوران ٽريفڪ جا انتظام اڻپورا هجڻ ڪري هزارين گاڏيون رش ۾ ڦاسي پيون، والدين سان نه ملڻ ۽ گاڏيون نه ملڻ ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻين مشڪلاتن کي منهن ڏنو، اوور هيڊ برج ۽ انڊس هاءِ وي تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي، شاگردن سان گڏ ايندڙ والدين لاءِ شديد گرمي ۾ ويهڻ لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا ويا، امتحاني سينٽر ۾ پکا گھٽ هجڻ گرميءَ کان بچا لاءِ جوڳا انتظام نه هجڻ ۽ شديد گرمي سبب ڪيترائي شاگرد شاگردياڻيون ۽ عملي جا ماڻهو بيهوش ٿي ويا جن کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو گرمي کان بچا لاءِ جوڳا انتظام نه هجڻ ڪري ڪيترن ئي اميدوارن جا امتحان پڻ اڌ ۾ رهجي ويا.