ڄامشورو (رپورٽر)  ڄامشورو ۾ بدامني خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن هالار جمالي، زاهد ڪيريو، اياز نوحاڻي، سرمد نوحاڻي، زاهد ڏاهري، جنيد گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھاسٽل گيٽ کان ريلي ڪڍي سنڌ الاجي وٽ انڊس ھا وي تي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته پوليس نااهلي سبب شاگرد غيرمحفوظ آهن.  رات جي انڌيري توڙي ڏينھن ڏٺي هٿياربند شاگردن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪري ڦر ڪري ٿي وڃن ٿا، پوليس نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،هنن جو چوڻ هو ته ٻن ڏينهن ۾ ڇهن شاگردن کي يرغمال ڪري ڦرون ڪيون ويون آهن پر ڪو تدارڪ ناهي ٿيو شاگرد اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل سامان روڪ رقم واپس ڪرائي شاگردن جي گذرگاهن تي پوليس نفري مقرر ڪري شاگردن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جڏهن ته احتجاج واري هنڌ ايس ايڇ او نياز پنهور پهچي شاگردن سان ڳالهيون ڪرڻ بعد روڊ کولرايو.