ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ۾ بدامني خلاف ٽرانسپورٽرز جي سڏ تي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، سوين گاڏيون بيهجي ويون، پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون، پوليس آفيسرز پاران مظاهرين کي ڌمڪيون
ٽرانسپورٽرز جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن هٿياربندن ٽرانسپورٽر پريم چند ۽ عرض محمد کوسو کي گوليون هڻي 5 لک روپيا ڦر ڪيا هئا
مظاهرين جو چوڻ هو ته ڄامشورو ۾ بدامني باوجود پوليس ڪو به ايڪشن نه پئي کڻي، پوليس آفيسرز اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڄامشوري ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ڪير به پڇڻ وارو ناهي
هي به پڙهندا
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جو بحران ۽ اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف مظاهرا، ڌرڻا