ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري جي ڀريا وليج ۾ نوجوان پراسرار گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي وارثن ۽ پوليس لمس اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس حالت ۾ سڌارو نه اچڻ بعد کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.  زخمي نوجوان اسد ڀنڊ جي ڀاءُ نظير ڀنڊ سعودي مان پنھنجو وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي جاري ڪندي پنھنجي مامن مٿان الزام هڻندي چيو ته اسان جي مامن سان گهرو اڻبڻت هلندڙ هئي، مامن ساٿين سان گڏجي منھنجي ڀاءُ اسد کي گولي هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب جاچ ڪري رهيا آهيون نوجوان جي حالت انتهائي خراب آهي.