ڄامشورو(رپورٽر) آر بي بي ڪالوني ڄامشورو ۾ حيسڪو عملدارن رهتون ڄاڻائي 12 ٽرانسفارمر بند ڪري ڇڏيا آهن، شهرين ڪائونسلر لالا صمد خان پٺاڻ، اڳوڻي ڪائونسلر اسرار جتوئي، عاطف لوڌي ۽ ناصر پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ڌرڻو هنيوٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي وئي، مسافرن ۽ مظاهرين ۾ جهڙپون پڻ ٿينديون رهيون، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 90 سيڪڙو رڪوري هجڻ باوجود حيسڪو پاران 12 ٽرانسفارمر بند ڪرڻ انتهائي غير مناسب عمل آهي، ڪجهه ماڻهن جي بل ادا نه ڪرڻ تي سموري ڪالوني کي سزا ڏيڻ ڪٿان جو قانون آهي. هن چيو ته  ڊي او، ايڪسيئن، ڊي سي سميت سمورن عملدارن کي لکت ۾ شڪايت ڏئي چڪا آهيون پر بجلي بحال نه پئي ڪئي وڃي، اسان مجبور ٿي روڊن تي ويٺا آهيون  بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ڌرڻو جاري رهندو.