حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اڍائي سالن کان بند پيل ٿرمل پاور ھائوس کي باھ لڳڻ سبب ڪروڙين رپين ٿيل نقصان تي آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو يونين ڄامشورو پارو ڪمپني جي صدر نور احمد سومرو، جنرل سيڪريٽري سميع الله خان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڄامشورو ۾ جنڪو پاور پلانٽ ھائوس آھي، جنھن مان 880 ميگاواٽ بجلي ملندي آھي، ڪالھه صبح جو ان پاور پلانٽ کي باھ لڳي وئي، جنھن سبب ھو مڪمل طور سڙي تباھ ٿي ويو، ھنن چيو ته ڄامشورو پاور پلانٽ اڍائي سالن کان بند پيل آھي، تمام وڏي پاور پلانٽ ۾ باھ تي فوري ڪنٽرول ڪرڻ جا ڪي به انتظام ٿيل ناھن، ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد حيدرآباد مان فائر برگيڊ عملو گاڏين سميت پھتو ۽ باھ تي ڪنٽرول ڪيو پر ان کان اڳ تمام گھڻو نقصان ٿي چڪو ھو. ھنن چيو ته ھڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڄامشورو پاور پلانٽ کي مڪمل طور بند ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي پر اسان ڪڏھن به بند ٿيڻ نه ڏينداسين. ھنن چيو ته اسان سمجھون ٿا ته پاور پلانٽ کي باھ لڳي ناھي بلڪي لڳائي وئي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته ڄامشورو پاور پلانٽ ۾ لڳل باھ واقعي جي اعلي سطحي انڪوائري ڪري رپورٽ عوام جي سامھون پڌري ڪئي وڃي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.