ڄامشورو جي عدالت ڀان سيد آباد واسڻ ناري نورين فاطمه مهر جي قتل ڪيس ۾ سندس پيءُ ۽ ڀاءُ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻئي جوابدار عدالتي احاطي مان فرار، نورين فاطمه مهر کي 5 مهينا اڳ ڀان سيد آباد ۾ قتل ڪيو ويو هو
نورين جي مڙس منصور سومرو جي فرياد تي نورين جي پيءُ، ڀاءُ ۽ چاچَي سميت 4 جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو هو، منصور سومرو فرياد ۾ چيو هو ته پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد وارثن نورين کي دوکي سان گهر گهرائي قتل ڪيو، عدالت نورين جي پيءُ محمد علي مهر ۽ ڀاءُ احسن مهر جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي
هن کي به پڙهندا
نورين فاطمه کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات جو ڊرامو ڪيو ويو: پوليس پاران ڪيس حل ڪرڻ جي دعويٰ
ڀيڻ کي قتل ناهي ڪيو، تشدد ڪري لکيل اسڪرپٽ ڏئي زبردستي بيان ورتو ويو: محسن مهر