ڄامشورو(رپورٽر) حيدرآباد پوليس ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ خاصخيلي پاڙي تي ڇڙهائي ڪري ٻن ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. خاصخيلي برادري جي عورتن، ٻارڙن شاھنواز خاصخيلي، گلبھار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ المنظر پل تي ڌرڻو هنيو ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس ڌاڙيلن جيان گھرن ۾ گھڙي چادر ۽ چئوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن، ٻارڙن ۽ پيرسن ماڻھن تي تشدد ڪرڻي بعد گھرن ۾ ڀڃ ڊاھ ۽ ڦرلٽ ڪري 2 نوجوانن حق نواز ۽ سجاد کي کڻي وئي، نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي. ڊي ايس پي ڪوٽڙي اظھر سمون خاصخيلي برادري جي ماڻهن سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ کين نوجوانن کي آزاد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته آفيسون کلن ته جاچ ڪريون ته ڪير توھان جي نوجوانن کي گرفتار ڪري ويو آھي، سڀاڻي 11 وڳي تائين گرفتار نوجوانن کي ظاھر ڪيو ويندو يا آزاد ڪيو ويندو.