ڪوٽڙي (رپورٽر) پنج مهينا اڳ ڀان سيدآباد ۾ ڀاء هٿان مبينا قتل ٿيل نوجوان ناري نورعين فاطمه مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ناري جي مڙس فريادي منصور سومري جو وڪيل نه اچڻ تي ايندڙ شنوائي 11 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت ٻاهران فريادي منصور ۽ مقتوله ناري جي ڀاءُ وچ ۾ تلخ ڪلامي، منصور سومري پاران عدالت ۾ تحفظ جي درخواست ڏني وئي. ڄامشورو جي ايڊيشنل سيشن جج ٽو جي عدالت ۾ 15 مئي تي ڀان سيدآباد ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نورعين فاطمه مھر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فريادي درخواست ڏني ته سندس وڪيل نه پهچڻ ڪري مهلت ڏني وڃي جنهن تي عدالت ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪئي، ٻڌڻي کانپوءِ عدالت ٻاهران ڪيس جي فريادي منصور سومري ۽ نورعين مھر جي ڀاءُ احسن مھر ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي، هڪ ٻئي مٿان ڌمڪين جا الزام لڳايا ويا، پوليس پهچي ڇڪتاڻ ختم ڪرائي، عدالت جي ٻاهران نورعين قتل ڪيس جو فريادي منصور سومرو ٻڌايو ته عدالت جي ٻاهر نڪتس ته نورعين جو پيءُۡ محمد علي مھر ۽ سندن پٽ احسن مهر جيڪي سيشن ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ تي فرار ٿي ويا هئا جنهن بعد هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت تي آزاد آهن تن مونکي موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن، اهڙي درخواست سيشن جج کي به ڏني آهي، انهن مان جان جو خطرو آهي، تحفظ ڏنو وڃي، هوڏانهن نورعين مھر جي ڀاءُ احسن مھر ٻڌايو ته منصور سومرو کي ڪنهن به ڌمڪيون ناهن ڏنيون، اجايو اسان مٿان ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي ۽ اسان کي بليڪ ميل ڪر ي50 لک گهري رهيو آهي.