ڄامشورو: ايم نائن موٽر وي تي ٽرالر ڊرائيور کان ڦر، مزاحمت تي قتل

0
109
ڄامشورو: ايم نائن موٽر وي تي ٽرالر ڊرائيور کان ڦر، مزاحمت تي قتل
ڄامشورو: ايم نائن موٽر وي تي ٽرالر ڊرائيور کان ڦر، مزاحمت تي قتل

ڄامشورو (رپورٽ: ميرمرتضيٰ ) ايم نائن موٽر وي تي ٽرالر ڊرائيور کان ڦر، مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو

ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالر پنجاب کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته ٽول پلازا لڳ ڦورن سان مزاحمت تي ڊرائيور مارجي ويو

ٽرالر ڊرائيورن ايم نائن موٽر وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، سوين گاڏيون بيهجي ويون، مسافرن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو

مقتول ڊرائيور جي سڃاڻپ پنجاب واسي اعجاز پٽ يوسف علي طور ڪئي وئي

ڊرائيورن جو چوڻ هو ته جيستائين ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين روڊ بند رهندو

هي به پڙهندا

قادرپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نجي بينڪ ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان قتل