ڄامشور، ڪوٽڙي ۽ ڪوهستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي: حادثن ۽ واقعن ۾ 3نينگر فوت: 15 زخمي

0
42
ڄامشور، ڪوٽڙي ۽ ڪوهستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي: حادثن ۽ واقعن ۾ 3نينگر فوت: 15 زخمي
ڄامشور، ڪوٽڙي ۽ ڪوهستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي: حادثن ۽ واقعن ۾ 3نينگر فوت: 15 زخمي

ڄامشورو/ڪوٽڙي/ٿاڻو بولا خان(نمائندن وٽان) ڄامشور، ڪوٽڙي ۽ ڪوهستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، حادثن ۽ واقعن ۾ 3نينگر فوت جڏهن ته15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اٽڪل ٻن هفتن جي سخت گرميءَ کانپوءِ ڪالھه ڳڙي سان طوفاني وسڪارو ٿيو، جنهنڪري گرميءَ جو زور ٽُٽي پيو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. هوڏانهن طوفاني برسات سبب ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ ۾ گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب 12 ورهين جو نينگر راشد پٽ ٻيڙو چانڊيو ڀِت جي ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو جڏهن ته سائيٽ جي بروهي چونڪ واري علائقي ۾ گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب 10 ورهين جو نينگر اياز علي کونهارو پڻ ڀِت جي ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو، فوت ٿيل ٻنهي نينگرن جا مڙھ وارث ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ کڻائي پهتا، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙھه وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻئي طرف ڪوٽڙي شهر ۽ سائيٽ جي مختلف علائقن نانگو لائين، شاھ لطيف ڪالوني، راسواھ موري خانپور، ڀٽائي ڪالوني، ٻٻر اسٽاپ، پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ، خدا جي بستي ۽ ٻين علائقن ۾ گهرن جون ڇتيون، وڻ، سولر پليٽون ۽ بجليءَ جا ٿنڀا ڪرڻ سميت مختلف حادثن ۾ ٻن عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي تُرت علاج لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال آندو ويو. زخمين ۾ زرينا، آسيا، زاهد، ڪاشف، محمد امين، ساجن، صدام ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن ڪوٽڙي سائيٽ جي ڀٽائي ڪالونيءَ واري علائقي ۾ بينظير ڀٽو جي نالي سان قائم ڪيل لائبريريءَ جون سولر پليٽون پڻ ڪري ٽٽي پيون. مريم گارڊن وٽ ٽرانسفارمر پڻ طوفاني برسات سبب ٿنڀي تان ڪري پيو پر بجلي نه هئڻ سبب ڪو نقصان نه ٿيو هوڏانهن  سيشن ڪورٽ واري ڀرسان واري علائقن ۾ ڀت ڪرڻ جي واقعي ۾ ڏهن سالن جو احسن ولد اسلم سومرو ڀت هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو. هڪ هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب بلوچستان واسي مسافر دائم ولد حضور بخش رند زخمي ٿي پيو. جڏهن ته ڪوھستان جي مختلف علائقن ۾ لڱ ساڙيندڙ گرميءَ کانپوءِ تيز ھوا سان گڏ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات جو وسڪارو موسم خوشگوار ٿي وئي ڪوھستان جي ٿاڻوبولاخان ، ٿاڻواحمدخان ، علي مراد باريجو ، لوياڇ سميت ٻين مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو آھي تيز طوفان سبب مختلف علائقن ۾ سولر پليٽون ، سائن بورڊ ، ڇاپرا ، ڀتون ۽ ڇتون ڪرڻ جا واقعا پڻ ٿيا آھن طوفان دوران ڳوٺ علي مراد باريجو ۾ نديم باريجو جي ھوٽل ڪري پئي ، عزيز الله ۽ شڪيل جون سولر پليٽون اڏامي ويون جڏهن ته شعيب باريجو جي ڪئبن جو ڇپرو ۽ غلام رسول باريجو جي گھر جي ڇت ڪري پئي  آھي