ڀڻڪندڙ راتيون ڀڀوت پل

0
53
تن کي روئان ڪيئن ڪري

 هوت خاموش ھو ليڪن رات جا پل ڀڻڪي رهيا هئا، سامهون وڏو صحرا هو، جنهن ۾ ڪونجون ڪرڪي رهيون هيون، صحرا جي ساڄي پاسي ڍنڍ هئي، جنهن ۾ ڏوئيرن ۽ روهاڪين جا آواز اچي رهيا هئا. ڍنڍ جي ڪنڌين کان بيٺل وڻن ۽ ڪانھهَ جي ٻٿن مان گدڙن جي اوناڙ، تيز لڳندڙ اتر جي هوا جي شور سان اچي رهي هئي، هو جهوپڙي ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي روشني ۾ هڪ ڪن تي هٿ رکي ٻي ڪن سان اهو سڀ ڪجههه ڪنائي رهيو هو، ھن جي پاسي کان تنبورو رکيل هو، هن جي جهوپڙي ويجهو قبرستان ۾ بيٺل سڪل ڪنڊي جي وڻ تي چٻرو زور سان دانهي رهيو هو. چانڊوڪي رات ۾ چٻري جو دڦڪ نظر اچي رهيو هو، هومتحرڪ زندگي ۽ خاموش موت تي سوچي سوچي ٿڪجي پيو هو. هن جي خيال ۾ موت ماڻھو کي ايڏو خاموش ڇو ڪرائي ٿو ڇڏي، جڏھن ته زندگي هوندي ماڻھو ڇو خاموش نه ٿو رهي، ڪڙڪيدار لهجي ۾ ڳالهائڻ وارا ماڻھو ته اڌ موت يعني ننڊ ۾ به ڳالهائيندا آھن، پر سنگ لحد ۾ سمهڻ کان پوءِ سڀ ماڻھو خاموش ٿي ويندا آھن، مقرر سياستدان، ڳائيندڙ،گائڪ ۽ جهنگ جهونگاريندڙ ماڻھو، سڀ خاموش، ان رات سوچي سوچي نيٺ ھن تنبوري جي تندن کي ڇڪي ڳائڻ شروع ڪيو:

بلها شاه بن ڪوئي نهين،

ايٿي اوٿي دوهين سرائين،

سنڀل سنڀل قدم ٽڪائين،

ڦر آوڻ دوجي وار نهين،

اٺ جاڳ گهراڙي مار نهين،

اي بليا، محبوب کانسواءِ ڪجهه به ناهي، هتي هُتي ٻنهي جهانن ۾ قدم سنڀالي رک ڇو ته هن جهان ۾ ٻيهر اچڻو ڪونهي، هتي کونگهرا هڻڻ مان ڪجهه نه ملندو.

 جهوپڙي ۾ ڏيئي جي روشني ٽم ٽم ڪري رهي آھي. ڪافي جي ڪومل آوازن تي سامهون صحرا مان اوٺار لٺ ھٿ ۾ کڻي اچي جهوپڙي جي در ٻاهران بيهي ٿو، ۽ ڳوٺ مان تهجد گذار به ان جهوپڙي ڏانهن ان ڪري وڃڻ لڳي ٿو ته معلوم ڪريان رات ۾ اهي آواز ڪنهن جا آھن، هو اهو سمجهڻ خاطر نماز پڙھڻ کان پهريان اچي هن مٿان بيهي ٿو.

آئون به لکي لکي ٿڪي ٿو پوان، ڪمري کان ٻاهر نڪران ٿو ته چانڊوڪي رات جي نوائي ۾  ڀڻ ڀڻ جا آواز منهنجي ڪن تي پون ٿا، ۽ نه چاهيندي به جهوپڙي ڏانهن وڃڻ لڳان ٿو. جهوپڙي ۾ وڏي ڏاڙھي، مٿي تي پٽڪو ٻڌل، چادر ويڙھيل همراهه ڪلهي تي تنبورو سڌو ڪري ويٺل، پاسي ۾ لٺ ۽ ڪنجهي جو وٽو پيل، هڪ فلم جي سين جو ڏيک. دل ۾  ڪجهه ھر کر ٿئي ٿي. سوچيان ٿو خواب ته نه پيو ڏسان، وري جهوپڙي ۾ موجود سڀني شين، ٻرندڙ ڏيئو، وڇايل رلي، لٺ ۽ وٽي سان اوٺار ۽ تهجد گذار همراهه ڏسان ٿو، ٻاهر رات ۾ ولهه وسي رهي آھي، هن جي نڪ تي پگهر جي هلڪي بوند لالٽين جي روشني ۾ نظر اچي ٿي. انهن وٽ پهچي پڇان ٿو، هي آڌي رات جو آواز ڪنهن جا آھن؟ هو تنبوري تي رکيل هٿ کڻي سامهون اوندهه ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو، ڪڏھن ڪڏھن ڪائي رات ڳالهائيندي آھي توکي خبر آھي، ته هن کان اڳ به ڪيتريون ئي ڳالهائيندڙ راتيون آيون ويون  آھن. ياد اٿئي  5 جولائي 1977ع جي گرم رات  جنهن رات دور دور ٻھراڙين ۾ ماڻھو گرمي سبب کلئي پڌر هوا تي ستل هئا. وزيراعظم هائوس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سرڪاري فائلن کي اٿلائي پٿلائي صحيحون ڪري رهيو هو جڏھن ته سامهون واري ڪمري ۾ بيگم نصرت ڀٽو، بينظير، صنم، شاهنواز ۽ مير مرتضي ستل هئا، ته ٽرپل برگيڊ جا فوجي جٿا وزيراعظم هائوس کي گهيرو ڪري چڪا هئا. جنرل ضيا ڀٽي صاحب کي فون ڪري ٻڌايو ته سر! ملڪ ۾ مارشل لا جو نفاذ عمل ۾ اچي چڪو آھي اوهان گرفتار ٿيڻ وڃي رهيا آھيو، ۽ پوءِ ڀٽي کي گرفتار ڪري مري ريسٽ ھائوس منتقل ڪيو ويو. اوهان کي 14 ۽ 15  آگسٽ جي اهارات به ياد هوندي جنهن رات بنگلاديش ۾ فوجي ڪو ۾ وزير اعظم شيخ مجيب الرحمان کي سندس گهر ۾ سندس خاندان سميت گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. حوالدار مسلم الدين، جيڪو نشي جي حالت ۾ هو، ايتريون ته گوليون هلايون جو اتي موجود ماڻھن مان ڪو به زنده نه بچي سگهيو هو، ۽ ڌان منڊي ڍاڪا ۾ شيخ مجيب جي گهر کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو هو.

اوهان کي 4 اپريل 1979ع واري رات به وسري نه سگهندي، جنهن رات ذوالفقارعلي ڀٽي کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو. اوهان کي 20 سيپٽمبر 1996ع واري رات به گهڻو ياد هوندي جنهن رات ڪراچي ۾ دو تلوار واري هنڌ وٽ پوليس گوليون هڻي مير مرتضيٰ ڀٽي ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪري ڇڏيو هو…26 ڊسمبر 2007 ع جي رات به اهڙي اشارن ۾ ڳالهائيندڙ رات هئي جنهن شام لياقت باغ راولپنڊي ۾ بينظير ڀٽو کي گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو…

اڪ روز اس جهان سي چلي جانا هي

اور قبر ۾ ليٽ جانا هي

تيري جسم کو ڪيڙون ني کانا هي

اس بات ڪو ياد رک اور هرگز نه ڀول… بليا شاه.

هڪڙي ڏينهن هيءُ دنيا ڇڏي وڃڻي آھي۽ قبر ۾ سمهي پوڻو آھي جسم کي ڪيڙا ماڪوڙا کائڻ لڳندا ان ڳالهه کي ياد رک ۽ وسار نه….

  هتي جون راتيون ڏاڍيون هيبتناڪ ٿين ٿيون، ڪڏھن چانڊوڪين ۾ رسوايون پلي پون ٿيون ته ڪڏھن اهي راتيون موڪلاڻي واريون هجن ٿيون. انهن مان ڪجهه اهڙيون به راتيون هجن ٿيون جن کي وصال واريون راتيون سڏبو آھي. سهڻي جو درياهه پار ڪري ميهار ڏانهن وڃڻ ۽ ملڻ، راڻي جو ڪاڪ محل تي ڪهي مومل سان مجاز جون محفلون مچائڻ، وصال جون راتيون هيون ۽ ان کان پويان ايندڙ راتيون جنهن ۾ سهڻي جو سير ۾ ٻڏي وڃڻ ۽ راڻي جو مومل کان هميشھ لاءِ منهن موڙڻ، موڪلاڻي جون راتيون ہيون.موڪلاڻي جي رات اها به عجيب غريب رات هئي جڏھن رات گورنر جنرل هائوس ۾ بيمار گورنر جنرل غلام محمد پٺ ۾ سور سبب هڪ ڪاٺ جي تختي تي ليٽيو پيو هو. چوڌري محمدعلي، سڪندر مرزا ۽ ايوب خان سندس سامهون بيٺا هئا. پاڻ گاريون ڏئي رهيو هو، ۽ پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته کائنس اڇي پني تي استعيفيٰ ورتي ويندي ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو. استعيفيٰ ته 26آڪٽوبر 1958ع تي آڌي رات سڪندر مرزا کان به ورتي وئي، ان ئي رات ميجر جنرل سڪندر مرزا ۽ سندس زال بيگم ناهيد کي صدارتي هائوس مان نيڪالي ڏني ويئي.

 هو وري خاموش ٿي ويو، ۽ پوءِ وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين: مون کي ياد آھي، بابا جڏھن تهجد پڙھڻ لاءِ اٿندو هو ته نماز پڙھڻ کان پوءِ ورد شروع ڪندو هو. سڀئي تهجد گذار اڌ رات کا پوءِ پکين جيان پالڻھار جي پچار ڪندا آھن. سندن اهو آواز ڪنهن چارڻ جي چنگ جي آواز کان سوين دفعا وڌيڪ روح کي راحت ڏيندڙ هوندو آھي. هو ٻيهر تنبوري جي تارن کي ڇيڙي ڳائڻ لڳو:

اٿي گوال واساوسن نون،

رهڻ نون اٿي ڊيرا هي،اي بندا تون، هن دنيا ۾ ڌنار وانگر آھين تنهنجي رهڻ جي جاءِ قبر آھي.

 رات جو پويون پهر هو، ماڪ وسي رهي هئي، هو ڳائيندو رهيو مون جهوپڙي ڇڏڻ کان پهريان سوچيو ته ڪي ڪي ڳالهائيندڙ راتيون ڪيڏيون نه خطرناڪ ٿينديون آھن، ته ڪي راتيون وري وصال جون ڳالهيون ڪندڙ راتيون هونديون آھن، راتيون گذرنديون رهنديون ماڪ وسندي رهندي ٻيهر جهوپڙين ۽ محلاتن ۾ ڪير هوندو اهو چئي نه ٿو سگهجي. اهو سوچي آئون پٺتي موٽان ٿو، اوٺار ۽ تهجد گذار به واپس وڃڻ لڳن ٿا….