ڀگت ڪنور رام ڀاڳ جي ڪنھن گھڙي ۾ ديوتائن ۽ امڙين جي اجتمائي دعائن جي طفيل ڌرتي کي مليو ھو، اهڙا سچا صوفي سنت ڌرتي تي سونهن جو سبب هوندا آهن. سنڌ اها ڀاڳ ڀري سرزمين آهي. جنهن هر دور ۾ سرن سوين واهڙ وهايا آهن, جن ڪائنات جي ڪنڊ ڪنڊ کي سيراب ڪيو آهي, ڀگت ڪنور رام انهن مان هڪ هو. جيڪو ماڻھن جي مونجھارن کي محبت جي موھ سان ڏسندو ھو. ان ڪري ماڻھو کيس پنھجو اوتار مڃيندا ھئا. اداس اکين وارو اهڙو ٻاجهارو ماڻھو ھاڻ رڳو يادن جي جزيري تي هر سال پهرين نومبر جي ڏينهن ورسيءَ جي موقعي تي ئي دريافت ٿئي ٿو. 85 سال اڳ ڀگت ڪنور رام جي قتل سان ڪلا جي ڪائنات جي وسعت پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهي هئي, سندس موت کيس هميشه جي لاءِ صدا حيات تسليم ڪندي امر ڪري ويو.
امر ڀگت ڪنوار رام جي نفيس ۽ نازڪ جسم ۾ گرم گوليون پوکيندڙ قاتل صرف ڪنور رام جهڙي ڪردار کي قتل نه ڪيو هو پر تصوف جو تعارف پيش ڪندڙ صوفين جي سنڌ جي مک تي مذهبي ڪٽرپڻيءَ جو تيزاب هاري سيڪيولر سنڌ جي مهانڊا مٽائڻ جو ٻج ڇٽڻ جي شروعات ڪئي هئي. ڪنوار رام سڄي عمر جي عبادت جي طفيل کانپوءِ ڏٺل معصوم خواب هو، جيڪو ساڀيان جي قيد ۾ قابو نه ٿيڻ جهڙو انسان، جيڪو وچ ميدان تي ڇير ٻڌي نچندو ھو ۽ راڳ کان پوءِ جڏهن جھولي ڦھلائيندو ھو، ان جھوليءَ ۾ جيڪو ڪجهه پوندو ھو ته ضرورتمندن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو پر جڏهن هن جي جهوليءَ ۾ گولي آئي ته اها به هن ڪنهن سان به نه ورهائي، شايد ان گوليءَ کي هن ڌرتي جي دين سمجهي پاڻ وٽ رکي هن دنيا مان جسماني طور جدا ٿي ويو. جنھن جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ سان درد جي سموري ڪوڙاڻ امرت رس م بدلجي ويندي ھئي ، ھو اڃارن چپن تي آيل ان چنگ جيان ھو. جنھن چرڻ سان مايوسيون مات ٿي وينديون ھيون. ھو ڪلا جو اھو ڪينر ھو، جيڪو وڄت تي وقت وڇوڙا ميٽي وصال جا وچن ڦلاريندو ھو. ھو اھڙو انسان ھو، جنھن جي معصوم مرڪ جي گھور گھائي وجھندي ھئي. هن جي سخاوت جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هو جڏهن ڳائيندو هو ته نه صرف پيار جي پالوٽ ٿيندي هئي پر ماڻهو مٿس ڌن ۽ دولت به گهور ڪندا هئا. هو پنهنجي صوفي ڪلامن ذريعي ملندڙ سموري ميڙي چونڊي سنڌ جي مسڪين غريب خاندانن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، پوءِ اهو مسڪين ڀلي ڪهڙي به مذهب ۽ مسلڪ جو ڇو نه هجي. هو ڪنهن ۾ به فرق نه ڪندو هو. هو وحدانيت واري فڪر سان سلهاڙيل اهڙو صوفي هو، جنهن جو مذهب محبت پيار ۽ انسانيت هو. امر ڀگت ڪنور رام 13 اپريل 1885ع ۾ تاراچند ۽ تيرٿ ٻائي جي جروار ضلعي گهوٽڪيءَ واري گهر ۾ پيدا ٿيو هو. هو راڳ کي عبادت سمجهندو هو. سندس ٻاجهاري آواز ۾ اهڙي ته مٺاس موجود هئي جو کيس ٻڌندڙن جا هجوم گڏ ٿي ويندا هئا هو جڏهن پنهنجي مٺڙي آواز ۾ “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” ڳائيندو هو ته کيس ٻڌندڙ عورتون نه صرف پيسا پر سونا زيور لاهي ڪنور رام جي جهوليءَ ۾ رکي دان ڪنديون هيون ۽ هو هڪ مُٺ ڀري پنهنجي ضرورت لاءِ رکي باقي اُتي ئي ويٺل مسڪين ماڻهن کي ڏئي گيڙو رتو پوتڙو ڇنڊي اٿندڙ اهو انسان هن ڌرتيءَ جو گهاٽو بڙ هو، جنهن ڇانوري ۾ هر انسان مذهبي فرق کان آجو ٿي ويهندو هو.
اڄ سنڌ جي امر جي 85 هين ورسيءَ آهي. اچو ته اڄ پنهنجي ڌرتيءَ جي حقيقي ۽ اصل ڪردار جي سڃاڻپ امر ڀڳت ڪنور رام جي پاڪ ۽ مقدس آتما آڏو پنهنجو سيس نمائي کيس سلام پيش ڪريون. سڀاڻي رڪ ريلوي اسٽيشن تي سون جي تعداد ۾ گڏجي هزارين ڏياٽيون ٻاري لال سلام پيش ڪريون.