ڪراچي (م ڊ) وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ تڪرار جي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڪارڪن اڊيالا جيل هلڻ لاءِ چئي رهيا آهن، جواب ۾ علي امين گنڊاپور چئي رهيو آهي ته ڪيڏاهن ڀڄي ڪو نه ٿو وڃان، وضو ڪرڻ ته ڏيو، نماز پڙهي پوءِ هلون ٿا، پي ٽي آءِ جي مخالفن جو چوڻ آهي ته ڪارڪنن گنڊاپور کي هيل ڀڄڻ نه ڏنو، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته وڊيو پراڻي  ۽ 4 آڪٽوبر جي آهي جيڪا هاڻي وائرل ٿي آهي.