ڀٽ شاهه (رپورٽ: رجب بوزدار) ڀٽ شاھ ڀرسان کنڊو اسٽاپ تي موٽر سائيڪل سوار نامعلوم ٻن هٿياربندن پاران ڪلينڪ تي حملو ڪري پرائيويٽ ڪلينڪ  تي موجود ڊاڪٽر عمران گل پنجابي ولد محمد الياس گل پنجابي کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا، ڊاڪٽر عمران گل کي فوري طور تي زخمي حالت ۾ تعلقا اسپتال مٽياري نيو ويو جتي نيندي زخمي ڊاڪٽر رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ڊاڪٽر عمران گل پنجابي جو تعلق نوابشاه سان هو جيڪو ڪجهه سالن کان کنڊو اسٽاپ تي پرائيويٽ ڪلينڪ هلائيندو هو سندس عمر تقريبن 45 سال هئي ۽ روزاني جي بنياد تي نوابشاه کان ايندو ويندو رهندو هو، ڊاڪٽر کي ڏينهن ڏٺي جو سرعام گوليون هڻڻ بعد هٿياربند موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي، اطلاع تي ڊي ايس پي هالا محمد يعقوب ٻرڙو ۽ ايس ايڇ او ڀٽ شاھ رياض احمد سبزوئي جي اڳواڻي ۾ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو ۽ مختلف رستن تي ناڪابندي به ڪئي وئي پر هٿياربند فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، فوتي ڊاڪٽر جو لاش مٽياري اسپتال کان پوء واپس ڀٽ شاھ صحت مرڪز آندو ويو جتي نوابشاه مان وڏي تعداد م وارث به پهتا، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  مقتول ڊاڪٽر عمران گل پنجابي جي والد محمد الياس گل پنجابي جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني نه آهي پهرين آئون پاڻ ڪلينڪ هلائيندو ه.س ۽ هاڻي ڪجهه سالن کان منهنجو پٽ ٻچن جو گذر سفر ڪرڻ لاءِ کنڊو اسٽاپ تي ڪلينڪ هلائيندو هو. ظالمن بيگناهه ظلم ڪيو آهي اسان جو ڪنهن تي ڪو شڪ به نه آهي اسان جو مطالبو آهي بيگناھ خون جو انصاف ڪري ملوث جوابدارن کي وائکو ڪري گرفتار ڪيو وڃي، ٻي پاسي ايس ايڇ او ڀٽ شاھ رياض احمد سبزوئي جو چوڻ هو ته واقعو ڪنهن تڪرار جو نتيجو ٿي سگهي ٿو اسان جاچ شروع ڪئي آهي ۽ ڪوشش ڪري جلد جوابدارن کي سوگهو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا سين، جنهن لاءِ علائقي واسين سميت ڪلينڪ تي ڪم ڪندڙ مزورن کان به جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد ڪنهن نتيجي تي پهچي وينداسين. واقعي بعد ايس ايس پي مٽياري فيصل بشير ميمڻ به کنڊو اسٽاپ واري هنڌ پهچي واردات واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ پوليس عملدارن کي جلد جوابدارن جي گرفتاري جون هدايتون جاري ڪيون، آخري اطلاعن تائين ڪيس به داخل ٿي نه سگهيو،