ڀٽ شاھ (ن پ ا) درگاھ ڀٽائي تي سيڪيورٽي جا اڻ پورا انتظام نظر اچڻ لڳا آھن. درگاھ تي لڳل 70 مان 36 سي سي ٽي وي ڪئميرائون بند ٿي ويون جڏهن ته 3 واڪ ٿرو گيٽ به غائب آھن. اوقاف کاتي محرم الحرام دوران سي سي ٽي وي ڪئميرائن سميت واڪ ٿرو گيٽن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو انتظاميه جي نااھلي سبب سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن. ماتمي جلوس ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهو بنا واڪ ٿرو گيٽ جي درگاھ ۾ داخل ٿيڻ لڳا آھن، ناقص سيڪيورٽي انتظامن تي پانڌيئڙن پاران ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو آھي. اوقاف عملدارن جو چوڻ آھي ته ڪجھ ڪئميرائون ۽ واڪ ٿرو گيٽ خراب ٿي پيا آھن جلد انھن کي بھتر ڪري انھن کي فعال ڪيوويندو ٻي پاسي درگاھ ڀٽائي حساس ھئڻ باوجود انتظاميـ پاران توجـ نه ڏيڻ تي پانڌيئڙن پاران حيرت جو اظھارڪيو پيو وڃي ڇو ته درگاھ تي لڳل اڌ کان وڌيڪ ڪئميرائون ڪيترن ئي ڏينھن کان خراب پيل آھن جيڪي 6 واڪ ٿرو گيٽ ھئا انھن مان ھن وقت صرف 3 واڪ ٿرو گيٽ موجود آھن  عورتن جي داخلا لاء ڪا به واڪ ٿرو گيٽ موجود نه آھي انتظاميـ جي عدم دلچسپي ۽ نااھلي سبب سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل نه ٿي سگھيا آھن شھرين ۽ عقيدتمندن طرفان جلد سي سي ٽي وي ڪيميرائون بحال ڪري واڪ ٿرو گيٽ پورا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي ته جيئن ڪو واقعو پيش نه اچي سگھي ۽ سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪيا وڃن.  پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاھ لطيفي انتظاميه نااھلي تي ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ڀٽائي جي درگاھ حساس آھي مگر ان باوجود واڪ ٿرو گيٽ ۽ 36 کان وڌيڪ ڪئميرائون خراب ھجڻ سبب بند ٿيڻ سيڪيورٽي ادارن لاء چيلنج آھي جنھن جو فوري طور تي نوٽيس وٺي سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪيا وڃن.