ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ اصغريا اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاڪستان پاران 3 روزا ساليانو ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سموري سنڌ مان ميمبرن، عهديدارن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪنوينشن دوران سالياني چونڊ دوران محمد حسين لغاري کي اصغريا اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاڪستان لاءِ نئون صدر مقرر ڪيو ويو ۽ سموري نئين ڪابينا کي گلن جا هار پارائي حلف کڻايو ويو ، ڪنوينشن دوران بهترين ڪارڪردگي تي عهديدارن کي ايوارڊ به ڏنا ويا، هر سال بهترين ڪوريج ڪرڻ تي ڀٽ شاھ جي سينيئر صحافي رجب علي بوزدار ۽ ڀرپور سهڪار تي ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام مجتبيٰ جوکيو کي به ايوارڊ سان ڏنو ويو،ان موقعي تي اصغريا اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاڪستان جي سابق صدر عاطف مهدي سيال پنهنجي ڪابينا سميت عهدي تان استعيفا ڏني ۽ نئين صدر جي چونڊ ۾ محمد حسين لغاري کي نئون صدر چونڊيو ويو جنهن پنهنجي ڪابينا جو اعلان ڪيو ۽ انهن کي اڳواڻن پاران حلف کڻايو ويو ،ڪنوينشن جي موقعي تي مختلف ضلعن ۽ ڊويزنن لاءِ به عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي، اڳواڻن ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته هر سال ڀٽ شاھ جي نگري ۾ هي سالياني چونڊ ٿيندي آهي ڪنوينشن جو مقصد نوجوانن کي تربيت ۽ ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، ان موقعي تي نون چونڊيل عهديدارن ۽ ڪابينا کي گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني وئي،