مٽياري/ڀٽ شاھ (رپورٽر+ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ سي آئي اي پوليس طرفان چئن شهرين کي چوري الزام ۾ گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، تشدد سبب هڪ نوجوان منٺار لاکو جي طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن کي ڀٽ شاھ اسپتال داخل ڪيو ويو نوجوانن جي وارثن غلام قادر، مولابخش ٻرڙو، شير محمد، گل، دلبر ٻرڙو، محمد عمر لاکو ۽ ٻين پاران سي آئي اي پوليس جي انچارج غلام مصطفا لاکو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس بااثرن جي ونگار وهي نوجوانن علي گل ٻرڙو، منٺار لاکو، ذيشان چنو ۽ قطب شاہ  کي هڪ لک روپيا چوري جي ڪوڙي الزام ۾ گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي پوليس تشدد سبب نوجوان منٺار لاکو جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي جنهن کي ڀٽ شاھ جي صحت مرڪز پهچايو ويو آهي سي آئي اي پوليس جي عملدار بااثر جي چوڻ تي چوري جو الزام لڳائي نوجوانن تي بيگناھ تشدد ڪيو آهي نوجوان ڪنهن به چوري ۾ ملوث نه آهن پوليس بلاجواز ونگارو بڻيل آهي ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري پوليس زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي،ٻئي پاسي شوروم مالڪ خادم حسين رند جو چوڻ آهي ته هي سڀ منهنجا ملازم آهن ۽ منهنجا پئسا چوري ٿيا آهن جنهن جي جاچ ۾ پوليس هنن کي گرفتار ڪري وٺي وئي باقي مون ڪو به تشدد نه ڪرايو آهي.