ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاھه ۾ اصغر يا علم و عمل تحريڪ پاران ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جو عطيو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ 150 کان وڌيڪ رت جون بوتلون گڏ ڪيون ويون، ڪئمپ جي انچارج معشوق علي سميت اصغر يا علم و عمل تحريڪ جي اڳواڻن ڊاڪٽر جمشيد احمد مري، الهجڙيو شيخ، عبد خاصخيلي، فهد مهدي سيال ،نور الله چنا، عاطف مهدي سيال ۽ ٻين جي ميزباني هيٺ ڀٽ شاهه جي دنبورا چوڪ تي منعقد ڪيل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ شهرين ۽ مومنن پهچي رت جو عطيو ڏنو، ڪئمپ دير تائين جاري رهي، ان موقعي تي ڪئمپ انچارج معشوق علي جو چوڻ هو ته اسان محرم الحرام دوران هر سال ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ ڪئمپ قائم ڪندا آهيون، هن وقت ڀٽ شاهه جي ڪئمپ تي 150 کان وڌيڪ رت جون بوتلون جمع ٿي چڪيون آهن. اسان وٽ 2700 ٻار ٿيليسيميا جا رجسٽرڊ آهن جن مان روزاني جي بنياد تي 100 رجسٽرڊ ٻارن کي مفت ۾ رت ڏنو وڃي ٿو ۽ کاڌ خوراڪ به ڏيندا آهيون 15 ڏينهن لاءِ انهن کي دوائون به ڏنيون وڃن ٿيون، وري 15 ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر چيڪ ڪندا آهن ۽ رت لڳايو ويندو آهي، هر سال ڀٽ شاهه ۾ ڪئمپ ڪندا آهيون ۽ هن دفعي 100 رت جون بوتلون جمع ٿيون آهن.